اعظم ڀٽي

اعظم ڀٽي

اعظم ڀٽي

اعظم ڀٽي: صحافي، ليکڪ، شاعر، نثرنويس ۽ ڪمپيئر، اعظم ڀٽي ولد محمد اشرف ڀٽي، 6 جولاءِ 1977ع تي پير محلي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. 2001ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪئي، جنهن بعد بي ڪام، پي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ پڻ ڪئي. سندس ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم، فيچر، سوانحي خاڪا، شاعري ۽ ٻيون تحريرون پندرهن روزه عبرت مئگزين، مهراڻ، هزار داستان، سنڌو ڊائجيسٽ، بختاور مئگزين، سنڌي ٻارڙا، سنڌي ٻار، گل ڦل سميت انڊيا جي ڪونج، هند واسي ۽ سپون وغيره ۾ ڇپجي چڪيون آهن. 1995ع ۾ روزاني آفتاب اخبار کان باقاعدي صحافت جي شروعات ڪئي. روزاني بختوَر، سوال، سنڌ، تعميرسنڌ، عوامي فورم، خبرون اخبار جو ٽنڊي محمد خان لاءِ رپورٽر رهيو. ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ’ڏات‘ اخبار جو 1999ع ۾ ايڊيٽر رهيو. 2011ع کان 2013ع تائين هفتيوار ’ماروئڙا نيوز‘ ٽنڊي محمد خان جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج، 2014ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ’مهراڻ مالها‘ مئگزين ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو.
هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ميمبر هئڻ سان گڏ مهراڻ ادبي سٿ، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، محمد خان غني ادبي تنظيم جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان سواءِ 17 جولاءِ 2016ع تي مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر، سنڌ ڀٽي برادري تنظيم ضلعي ٽنڊي محمد خان جو صدر رهيو. يونين آف جرنلسٽس ٽنڊي محمد خان، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊي محمد خان جي ڪلچرل ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو. ٽنڊي محمد خان ۾ ڪيترن ئي ڪتب خانن جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون. ٽنڊو محمد خان هسٽاريڪل سوسائٽي، مدني سوشل ويلفيئر سوسائٽي، سنڌ نوجوان ترقي پسند فلاحي تنظيم، ساٿ ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن، لطيفي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌي فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان، سنڌ اويئرنيس آرگنائيزيشن سميت مختلف پليٽ فارمن تان علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) کي ٽنڊو محمد خان ۾ ٻيھر منظم ڪيو. 2019ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي شاخ قائم ڪري، ان جو پھريون آرگنائيزر مقرر ٿيو. ان کانسواءِ ضلعي جي قديم تاريخي ماڳن تي تحقيق ڪري لکندو رهي ٿو ۽ 2020ع کان فتح باغ ۽ ٽنڊي محمد خان شھر جي باني مير محمد خان ٽالپر جي مقبري جي مرمتي ڪم ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو.
اعظم ڀٽي جا مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون مقالا ڇپيل آهن ۽ ڪجھه ڪتاب اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن پاڻ هن وقت ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اعظم ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.07.06  عيسوي

اعظم ڀٽي ولد محمد اشرف ڀٽي، 6 جولاءِ 1977ع تي پير محلي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد شريف طوسي
سيد غلام رسول شاهه
در محمد ڪمال
جعفر ميمڻ
اسلم خواجا
حيات بلوچ
رڪ سنڌي
شيرين زئور
امام علي ڏيٿو
درس عبدالغني
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون